اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ چيئر??ين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل ??مود الزمان خان جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پائڻ، سماجي فاصلي ۽ واپاري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم ويڪسين جي خريداري جي عمل ۽ ان کانپوءِ صوبن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پاڪست??ن پاران خريد ڪيل هڪ ملين سائنوفارم ويڪسين ملي چڪي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صوبن کي اهو يق??ني بڻائڻو آهي ته اين سي او سي جي ذريعي مقرر ڪيل ويڪسينيشن هدفن جي ڀرپور پيروي ڪئي وڃي.