اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 23 م??رچ اسان جي قومي تاريخ جو اهو شاندار ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وجود ۽ الڳ سڃاڻپ سان اڳتي وڌڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. انهي ڏينهن الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد جو باقاعده آغاز ٿيو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چ??و ته اڄ ان عهد کي ورجائڻ ??و ڏينهن آهي ته اسان پاڪستان کي قاعداعظم جي سنهري اصولن موجب فلاحي رياس?? بڻائينداسين.