اسلام آب??د ?? 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز 26 مارچ تي مريم نواز جي نيب پيشي تي سياسي جٿ?? جي استعمال جي ڌمڪي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي قانو?? جي پڪڙ کان بچڻ جي لاءِ پرتشدد حرب?? جي اجازت نه ڏني ويندي، پوري قوم ڏسي رهي آهي ته هڪ عورت سياسي پليٽ فارم استعمال ڪندي جواب ڏيڻ بدران اداري تي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ??ري رهيو هو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز جو گذريل ڏينهن يوٿ ڪنوينشن خطاب ۾ لهجو مايوس ڪندڙ هو، مريم نواز جو لهجو فهم ۽ فراست کان آجي ماڻهو جو لڳي رهيو هو. هن چيو ته فضل ال??حمان سدائين مذهب ۽ دين کي پنهنجي سياسي مقصد?? جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن ماڻهن سياست کي غيرقانوني ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي.