اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر س??اڻپ نه هئڻ ج?? ڪري پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 40 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، وقت سر س??اڻپ، علاج ۽ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري موت جي شرح کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بريسٽ ڪينسر جي آگاهي مهم جي سلسلي ۾ پاڪستان ايئر فورس اسپتال ۾ ٿيندڙ بريسٽ ڪينسر آ??گن??ئيز تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن ??يو ته بريسٽ ڪينسر عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿيڻ واري ڪينسر آهي، وقت سر س??اڻپ نه هجڻ سبب پاڪستان ۾ هر سال تقريبن 40 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، بيگمه ثمينه عارف علوي چيو ته ماڻهن ۾ بريسٽ ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري موت جي شرح کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، اهڙين تقريبن جو مقصد عورتن ۾ ان مرض جي علامت جي باري ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي، هن ??يو ته ميڊيا ان مرض جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.