اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قوم?? جي عالمي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو م??صد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي تي سياحت جي اثر?? جي حوالي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪ?? جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.