اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آ??ي ته مخالف ڌر پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) بدعنوان سياسي عنصرن جي گڏيل مفادن جي ڪائونسل آهي، عوام تي اها ڳالهه ??اضح ٿي وئي آهي ته اهي ماڻهو رڳو ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن وٽ ڪا عوامي ايجنڊا نه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي ۽ پوري دنيا جا اقتصادي ماهر به ان جو اعتراف ڪري ر??يا آهن جڏهن ته ماضي ۾ ملڪي معيشت هلائيندڙ ??ن وقت لنڊن ۾ ويهي پاڪستان جي معيشت تي تنقيد ڪري ر??يا آهن جيڪا کل جوڳي ڳالهه آهي.