اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي ک?? نظر ۾ رکندي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙي وڃي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ منص??با??ندي ڪئي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن ج?? اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ج?? حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي ص??با??ي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.