اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لبنان جي گادي واري شهر ۾ بيروت ۾ ڌماڪن ۾ وڏي پئماني تي قيمتي جانين جي زيان ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان مشڪل ??ي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ??بناني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪري ۽ ڏکويل خاندانن کي صبر جم??ل عطا فرمائي.