اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروباري برادري تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي ۾ حڪومت پاران ڏني ويندڙ مراعتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين جي ا??ڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پاران تعميرات جي شعبي ۾ حڪومت پاران تاريخي مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ ??ي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ په??يو?? ڀيرو نجي بئنڪن پاران تعميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ ??نا ڪنهن شڪ جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. اين او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان بڻائڻ سان تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.