اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي ه??ايت ڪئي آهي ته عيد الاضحيٰ جي موقعي تي گڏيل قرباني جي ذريعي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ مدد ملندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ايوان صدر ۾ منعقد اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي دوران عيدالاضحيٰ جي حوالي سان طئي ٿيل ضابطي (ايس او پيز) تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو، ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز م??جب منقعد اجلاس ۾ گهرو وفاقي وزير اعجاز احمد شاهه، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق ق??دري، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز ۽ صدر جو سيڪريٽري طارق نجيب ش??ڪت ڪئي، ان موقعي تي وزيرن عيدالاضحيٰ جي دوران ??ني?? قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.