اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته 17 فيبروري کان سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جا??ي آهي ۽ حڪومت ان مرض ??ي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، تازي مهم ۾ 39 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف آهي جنهن جي لاءِ 2 لک 65 هزار پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، خاص مددگار چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ فرنٽ لائن ورڪز اسان جا اصلي هيرو آهن انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ ج??گي بنيادن تي موثر قدم کڻي رهي آهي.