اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جو خو??هش??ند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار حقيقي صلاحيت کان گهٽ آه??، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاسائي ڀارتي حڪومت جي هٿان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ??ي ڪڏهن خاموش نه رهندو ۽ اسان کي ڪشميري ڀائرن جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنگري لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد اعجاز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.