اسلام آباد – 01 – نومبر (ا?? پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي??، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاع?? پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزي??اع??م جي وفد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزي??اع??م شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزي??اع??م شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزي??اع??م لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزي??اع??م شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزي??اع??م شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزي??اع??م شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وزي??اع??من جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفن لاڳاپن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. س?? پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.