اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي لکيل خط ۾ ايف ڊي اي تحت اسڪولن ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس ورتو آهي. وفاقي وزير ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو ته هو اسڪول?? جي خراب حالت بابت وضاحت فراهم ڪري، هن ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو هو ته ان مجموعي ناڪامي جي ذميواري طئي ڪري ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي طرح جون حالتون پيدا نه ٿين. وفاقي وزير اهو به حڪم ڏنو ته هاڻي انتظامي/تعليمي عهدن (بي ايس 19 ۽ ان کان مٿي) جي آفيسرن جو?? سموريون مقرريون/بدليون، سيڪريٽري M/o /FE&PT جي مشاورت سان ۽ وفاقي وزير جي منظوري کانپوءِ ڪيون وينديون. نگران وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو ته هو اهڙي طرح جي سنگين خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ انتظامي، تعليمي ۽ مالياتي چ??لينج?? جي باري ۾ هڪ جامع بريفنگ ڏي. پهري?? جي هڪ خط ۾ وفاقي وزير ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو هو ته هو ايف ڊي اي ڪيزيردست سمورين اسڪولن ۽ ڪاليجن ?? پيئڻ جي صاف ۽ ٿڌي پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ سمورن اسڪول?? جي ڪلاس رومز، باٿ رومز، راندي?? جي ميدانن ۽ اڱڻ جي مرمت ۽ سرسنڀال کي به يقيني بڻائي. وفاقي وزير ايف ڊي اي کي استادن، چوڪيدارن ۽ مالهي?? سميت عملي جي ??وٽ کي پورو ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو. وفاقي وزير انتظامي عهدن تي مقرر استادن جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو. وفاقي وزير چيو ته هي سندن بنيادي ڪم ناهي، استادن کي تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.