اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??اڪ??تان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪ??مت معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قائم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڪريٽري عملدرآمد جهانزيب خان ۽ سيڪريٽري جميل احمد قريشي بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ايس آئي ايف سي تحت ٻاهريون سرمايو وڌائڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪ??مت جي حڪ??ت عملي بابت ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ان حڪ??ت عملي تحت سيڙپڪارن کي منصوبن جي لاءِ ون ونڊو سهولت ڏني ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ايس آئي ايف سي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ پڻ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ڇتري هيٺ انهن شعبن جي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ عالمي معيار جو انفراسٽرڪچر اهميت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته ??اڪ??تان جي توانائي شعبي جي بهتري لاءِ ريگيوليٽري اسٽرڪچر کي موجوده دور جي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، آءِ ٽي، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، نگران حڪ??مت ايس آئي ايف سي جي فورم جو ڀرپور استعمال يقيني بڻ??ئي??دي، نگران حڪ??مت پنهنجي مختصر حڪ??مت جي دور ۾ پنهنجون سموريون توان??ئي??ن ??اڪ??تان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي تي لڳ??ئي??دي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ??اڪ??تان جي معاشي ترقي جي لاءِ هڪ اميد جو ڪِرڻو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جهانزيب خان ۽ جميل احمد قريشي جي ايس آئي ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.