اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شڪر ڳڙهه ۾ ٻوڏ ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي وقت سر ٻاهر ڪڍڻ ۽ مدد تي رينجرز ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي خدمتن کي ساراهيندي ا??ڪا??ي طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن کي آگاهي ۽ وقت سر حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رينجرز ۽ ريسڪيو جي وقت سر امدادي ڪارروائي سان عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهن جي حياتيءَ ب??ائي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فرض شناس فرزندن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ريسڪيو ??دا??ن کي راوي، چناب ۽ ستلج ۾ ا??ڪا??ي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فول پروف انتظامن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ا??ڪا??ي طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن جي آگاهي ۽ وقت سر حفاظت سان ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي.