اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ طوفان ۽ برسات ۽ وڻ ڪرڻ سان 3 ??اڻ??ن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومت کي متاثرين جي ڀرپور مدد ۽ زخمين کي علاج جي بهترين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شانگلا ۾ ٻن ??اڻ??ن ۽ ڪرڪ ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ تي متاثره خاندانن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمي ٿيندڙن سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.