اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 231 پوائنٽس جي غيرمعمولي اضافي سبب ڪاروبار جي شروعات تي قوم ۽ ڪاروباري برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان جي مسلسل محنت ۽ درست پاليسين جي نتيجي ۾ معاشي بحالي جا آثار نمايان ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ملڪ ٻيهر ترقي جي رستي تي گامزن ٿي چ??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم چيو ته قائد محمد نواز ??ريف معاشي ترقي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو سفر جتان ڇڏيو هو اتان وري ٻيهر شروعات ٿي رهي آهي، شديد مايوسين کانپوءِ اميد جو نئون سج اڀري رهيو آهي، قوم کي مبارڪ هجي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۽ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو تيز?? سان اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. الله ڪري پاڪستان جي ترقي جو سفر ائين ئي جاري رهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جو ٻج پاڙ پڪڙڻ شروع ٿي ويو آهي. پرخلوص محنت، ديانتداري ۽ سچائي ثمر آڻي رهي آهي، قائد محمد نواز ??ريف جي تعمير، ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي ويزن تي هڪ ڀيرو ٻيهر عمل پيرا آهيون، جهڙي طرح 2013ع کان 2018ع دوران پاڪستان کي توانائي جي بحران، دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، معاشي ترقي آندي هئي، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي جذب?? سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻي رهيا آهيون، قومي ترقي ۽ معاشي استحڪام جي سفر کي انهي طرف ۽ انهي جذبي ۽ محنت سان جاري رکڻو پو??دو?? جهڙي طرح نواز ??ريف جي قيادت ۾ سي پيڪ جي شروعات ڪئي، معيشت بحال ڪئي، مهانگائي 4 سيڪڙو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي شرح 2 سيڪڙو تي آندي هئي، ترقي جي شرح 6.1 سيڪڙو ۽ پاليسي ريٽ ساڍا 6 سيڪڙو تي هو، هاڻي ٻيهر ترقي جي انهي سفر طرف وڃي رهيا آهيون، هاڻي زراعت، آءِ ٽي، صنعت سميت ٻين سمورن شعبن ۾ ترقي جو سفر تيز ٿي??دو?? ٻيهر عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، نوجوانن جي روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي خودمختيار?? سان هڪمنار ڪنداسين.