اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي رعايتي اگهه تي پيٽرول جي فراهمي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي م??انگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري و??اقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري م??لڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رمضان دوران مفت اٽي جي فراهمي ڪئي و??ندي جنهن جي لاءِ پروگرام حتمي مرحلن ۾ آهي، ان اسڪيم سان اسلام آباد جي اٽڪل ڏيڍ لک خاندانن کي م??ت اٽو ورهايو ويندو. اجلاس کي م??ٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جي لاءِ رعايتي اگهه تي پيٽرول تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ان حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ??روگرام کي حتمي شڪل ڏئي جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا معاشي طور تي ڪمزور طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ حڪومت انهن کي م??انگائي کان بچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ رمضان دوران غريب ۽ وچولي طبقي کي م??ت اٽي جي فراهمي جو فيصلو ڪيو آهي، اسڪيم تحت اسلام آباد جي 10 لک ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي به ان اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا ??هيون. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورڇ کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي م??ٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي م??انگائي جي اثرن کان بچائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، پروگرام تحت موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن کي سستي پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائي و??ندي.