اسلام آباد – 10 – ??ار?? (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران 9 ??ار?? 2022ع تي ??راهموس سپر سونڪ ميزائيل جي پاڪستاني سرزمين تي ??يرذميواراڻي فائرنگ تي پنهنجي ڳڻتي کي ورجائيندي ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي به ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هڪ سال اڳ 9 ??ار?? 2022ع تي ڀارت جي سورت ڳڙهه مان پاڪستاني حدن ۾ سپر سونڪ ميزائيل براهموس فائر ڪيو ويو هو. ان سان انساني جانين ۽ ملڪيتن کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي پڻ شديد خطرو لاحق ٿيو. ترجمان چيو ته ??اڪستان ان نازڪ صورتحال ۾ مثالي تحمل جو مظاهرو ڪيو جيڪو اسان جي نظام جي پختگي ۽ هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي ??من جي لاءِ پڪي عزم جو ثبو?? آهي. ڀارت جي غيرذميواراڻي عمل عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي سطح تي ??لط قدمن جي لاءِ رياستن جي ذميواري بابت شقن، شهري هوابازي جي قانونن ۽ حفاظتي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ان پنهنجي اسٽريٽجڪ هٿيارن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀارتي نظام ۾ موجود ڪيترن ئي نقصن ۽ فني خامين کي بي نقاب ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ??ڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي ??ڪومت ان سنگين واقعي بابت حقيقتن جو صحيح طريقي سان تعين ڪرڻ جي لاءِ گڏيل جاچ جي پاڪستان جي مطالبي کي تسليم نه ڪيو. ڀارت پنهنجي اندروني جاچ جا نتيجا به پاڪستان سان شيئر نه ڪيا آهن. ان جي نام نهاد داخلي جاچ جي هڪطرفي ۽ جلدبازي ۾ بندش ڀارت جي اسٽريٽجڪ هٿيارن جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تي ??نگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ترجمان چيو ته ??اڪستان ان غيرذميواراڻي واقعي جي گڏيل جاچ جي پنهنجي مطالبي کي ورجائي ٿو. اسان سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جوهري ماحول ۾ ميزائيلن جي حادثاتي يا غيرمجاز لانچ جي خلاف ٽيڪنيڪي خدشن جي حوالي سان ڪيترن ئي بنيادي سوالن جي اطمينان جوڳن جوابن ۽ وضاحت جي پڻ اميد ڪريون ٿا.