اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ ملڪ جي مستقبل پنهنجي ن??جوانن کي ”يوٿ پروگرام“ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سال 2023ع کي ن??جوانن جو سال قرار ڏنو آهي، ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن جي باوجود به نوجوانن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهي لاءِ يوٿ پروگرام ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. ”يوٿ وين“ جي موقعي تي ن??جوانن جي لاءِ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 2011ع ۾ پنجاب مان جنهن پروگرام جي شروعات ڪئي هئي، 2013ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف ان پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ پهچائي ڇڏيو، اهو انقلابي پروگرام نوجوانن جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي، انهن جي تعليم، هنرمندي، صحت ۽ روزگار سان ئي پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي. وزيراعظم ان موقعي تي اهو اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت 2023ع کي ن??جوانن جو سال قرار ڏنو آهي جنهن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، محنتي ۽ هوشيار ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، ٻين اسڪيمن ذريعي ن??جوانن جي حوصلا افزائي جاري رهندي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي ن??جوانن تي ٻڌل آهي، انهي ويزن تحت اسان يوٿ پروگرام شروع ڪيو هو، ??نجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ ٺاهيو ويو هو، ??يپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي، نوجوانن کابنيا وياج ۽ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويا، وسيلن کان محروم ذهين شاگردن کي وظيفا ڏنا، ٻاهرئين ملڪ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا، اڄ اهي قوم جا قابل فرزند ۽ ڌيئرون مختلف شعبن ۾ ڪاميابين جي نئين بلندين تائين پهچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هو اهڙي وقت تي ملڪ جي وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز ٿيو جڏهن ملڪ کي شديد معاشي بحران درپيش هو، ??وڏ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پر انهن سمورين مشڪلاتن ۾ به نوجوانن کي اسان نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته اهي اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، انهي لاءِ يوٿ پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ويو، ??سيلن ۽ ان جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو ۽ زراعت سميت ٻيا شعبا ان پروگرام ۾ شامل ڪيا ويا، بنا وياج ۽ آسان شرطن تي ن??جوانن کي وسيلا ڏيڻ جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته جيئن نوجوان روزگار جي ذريعي پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجن ۽ انهن جو بار گهٽ ڪري سگهجي، ملڪ جي ترقي ۾ عملي ڪردار ادا ڪن.