ملتان – 24 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علو?? چيو آهي ته معاشري مان عورتن جي خلاف ت??دد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، پاڪستان ۾ اسلامي تعليم موجب عورتن کي ان جي جائيداد جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ عورتن کي انهن ??ي جائيداد جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ عورتن تي ت??دد جي خاتمي بابت مرڪزن بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ت??دد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن مان نه گذرڻو پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??وشل ويلفيئر ڪمپليڪس ملتان ۾ عورتن تي ت??دد جي خاتمي واري مرڪز جي د??ري د??ران ڪيو. عملدارن کيس مرڪز ۾ ڏيندڙ سهولتن ۽ مختلف شعبن جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول چيو ته ڪنهن ??ه معاشري جي ترقي لاءِ عورتن جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اسلام مرد ۽ عورت جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. هڪ مثالي اسلامي معاشري ۾ جيڪي عورتن کي حق حاصل هوندا آهن ??هي ڪنهن ٻئي معاشري ۾ حاصل نه آهن، پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر انهن ڪوششن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه علو?? چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جا قانون موجود آهن پر انهن ??ي مڪمل طور تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. ملتان ۾ قائم عورتن تي ت??دد جي خاتمي واري مرڪز جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي مرڪز ون ونڊو آپريشن جون خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ هتي ت??دد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته عورتن تي ت??دد جي خاتمي واري مرڪز ملتان جي ڪم کي ساراهيندي مرڪز بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ثمينه عارف علو?? چيو ته ان حوالي سان اسڪولن، مارڪيٽن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشنز، ايئرپورٽس، پوليس ٿاڻن ۽ عدالتن سميت ٻين اهم جاين تي آگاهي پمفليٽ لڳايا وڃن. عورتن تي ت??دد جي خاتمي وارو مرڪز ون ونڊو آپريشن جي حيثيت رکي ٿو، جتي عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. ت??دد جي خاتمي واري مرڪز جو مقصد ت??دد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن کان بچائڻ ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. متاثر عورتون ٽول فري نمبر 1043 تي رابطو ڪري عورتن تي ت??دد جي خاتمي واري مرڪز کي پنهنجي شڪايتن کان آگاهه ڪري سگهن ٿيون، جنهن کانپوءِ مرڪز پاران انهن کي هر قسم جي ??دد فراهم ڪئي ويندي آهي. متاثر عورتن جي گهر وڃي ??دد فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن متاثر عورت کي سينٽر تي آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته انهن کي اتي آندو ويندو آهي جتي عورت پوليس اهلڪار انهن ??ون ايف آءِ آر داخل ڪنديون آهن. عورتن کي ??دد ۽ مشورا فراهم ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن ????دد ٿيو هجي ته طبي سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ مرڪز ۾ شيلٽر هوم ۽ پراسيڪيوشن جي سهولت به موجود آهي.