ڪراچي – 02 – فيبروري (ا?? پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪوهاٽ ?? انڊس هاءِ وي تي ٽنل ويجهو وين ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائو?? ميڊيا سيل پاران جاري بيان ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي ??لد صحتيابي جي دعا ڪئ?? آهي. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار اهڙي قسم جي حادثن جي روڪٿام کي يقيني بڻائين.