اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو وي?? آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن جو فيصلو ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنسي بچت پلان حتمي منظوري جي لاءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. سمورن وڏن وزيرن کي به ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ويندو. انرجي بچت پلان تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو ويو، نجي ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ به پلان جو حص?? آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي توانائي بچت پلان جو مقصد عوام ۽ معيش?? تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو درآمدي بل 29 بلين ڊالر ساليان?? آهي، رپين ۾ اها رقم 6 کرب ر??ين کان وڌيڪ آهي، توانائي بچت پلان جي نتيجي ۾ 13 بلين ڊالر ساليانو جي بچت جو ڪاٿو لڳايو وي?? آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب ر??ين کان وڌيڪ رقم بڻجي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن جنهن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمورن صوبن کي گڏجي نيشنل ڪنزرويشن پلان تي عمدلرآمد ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توانائي جي بچت پاڪستان جي بقاءَ جو مسئل?? آهي.