اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حوالدار محمد امير ۽ هڪ شهري جي شهادت تي افسوس ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگهن، د??شت??رد دشمنن جا ٻانهن ٻيلي آهن جيڪي پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستاني عوام جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين، ڏوهارين کي عبر?? جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز د??شت??ردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ تي پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي ??عا پڻ ڪئي.