اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ??رق?? ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته منصوبابندي، ??رق?? ۽ خصوصي قدمن واري ??زا??ت ايندڙ هفتي ع??لم?? شراڪتدارن سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي، نئين سر تعمير تي ٻڌل (آر ايف ايس 4) جو هڪ جامع فريم ورڪ شيئر ڪندي ته جيئن ان کي باقاعده طور تي ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪا ايندڙ سال جنوري ۾ منعقد ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان ڊونرز سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري ??زا??ت جي جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر انفرااسٽر??چر?? ع??لم?? شراڪتدارن ۽ سمورن سفارتخانن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ هفتي جامع فريم ورڪ حصيدارن سان شيئر ڪيو ??ين??و ته جيئن هو ان جو مطالعو ڪري سگهن ۽ انهن جي قيمتي راءِ سان منصوبابندي واري ??زا??ت کي مدد ملندي جنهن کي باقاعده طور تي جنوري ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ??ين??و. وفاقي وزير ع??لم?? شراڪتدارن تي بحالي جي مرحلي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڊونرز ٻوڏ کان فورن پوءِ ريسڪيو ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو جنهن کي پاڪستان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته هي سلسلو ايندڙ مرحلي ۾ جاري رهندو. اجلاس ۾ منصوبابندي ??زا??ت جي عملدارن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي آر ايف ايس 4 جي اهميت تي روشني وڌي، جن 17 شعبن خاص طور تي انفرا اسٽر??چر?? تعليم ۽ صحت تي عملدرآمد لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ جن کي موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويو. وڌيڪ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ سندن ??زا??ت پڻ ان عمل ۾ شريڪ آهي ۽ اڄ ڊونرز سان هڪ اهم اجلاس ٿيندو . ان موقعي تي ڊونرز حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ آئنده ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.