اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ رکڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ??هي?? افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ ??هي?? پاڪستان ۽ ترڪيه واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۽ دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 25 کان 26 نومبر تائين ترڪيه جو دورو ڪيو، ان دوري جي دعوت کيس ترڪ صدر رجب طيب اردوان ڏني هئي، استنبول ۾ وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چي?? ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ 7 دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، هنن توانائي ۽ رابطي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان ترڪيه جي سيڙپڪارن کي آگاهه ڪيو 7 ان اعتماد جو اظهار ڪي?? ته تازو ئي ٽريڊ اينڊ گڊز معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ترجمان چي?? ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 29 نومبر تي افغانستان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، ڪابل ۾ هن وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، نائب وزيراعظم عبدالسلام حنفي ۽ افغان عبوري حڪومت جي ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون. دوري دوران هن تعليم، صحت، زراعت، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ علائقائي ۽ عوامي رابطن ۽ سماجي اقصادي منصوبن سميت ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چي?? ته حنا رباني کر جي دوري دوران علائقائي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان وڌيڪ چي?? ته پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير دوري دوران هڪ پرامن، خوشحال، مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو، هن ان ڳالهه تي به ز??ر ڏن?? ته ٻئي ملڪ نه رڳو مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي ٻنڌڻن ۾ ڳنڍيل آهن پر انهن جو مستقبل به اندروني طور تي ڳنڍيل ??هي?? افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته ڌرين علائقائي رابطن کي وڌائڻ بابت هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ڪاسا 1000 ۽ تاپي گئس پائيپ لائين جهڙا منصوبا شامل آهن. ترجمان چي?? ته افغانستان جي اقتصادي ترقي ۾ عورتن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي مملڪتي وزير پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ??هي?? پاڪستان افغانستان کي صحت جي سارسنڀال تائين پهچ ۽ علاج جي لاءِ پاڪستان ايندڙ کي سهولت فراهم ڪندو. ترجمان چي?? ته مملڪتي وزير جي ڪابل جي دوري جو مقصد ان اهميت کي اجاگر ڪرڻو ه?? ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چي?? ته 2002ع ۾ ڀارتي رياست گجرات ۾ بي جي پي سياسي فائدي جي لاءِ مسلمانن جو قتلام ڪيو ۽ 20 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بي جي پي سياسي فائدي جي لاءِ فرقيواراڻي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي جنهن جو مقصد گجرات جي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي. هن چي?? ته ڀارت کي فرقيواراڻي تشدد جي لاءِ جاري اشتعال کي ختم ۽ گوڌرا جي افسوسناڪ واقعي ۽ گجرات فسادن ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ هڪ آزاد جاچ ڪميشن جوڙڻ گهرجي. ترجمان چي?? ته 6 ڊسمبر تي بي جي پي آر ايس ايس جي انتهاپسندن هٿان تاريخي بابري مسجد جي شهادت جا 30 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، جنهن مان ان ڳالهه جو اظهار ٿئي ٿ?? ته اقليتن جي لاءِ جڳهه محدود ٿي وئي آهي. ترجمان چي?? ته پاڪستان کي ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي دهلي جي عدالت پاران هڪ هٿ ٺوڪي ڪيس ۾ 5 بيگناهه ڪشميري نوجوانن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائڻ جي فيصلي تي پڻ شديد ڳڻتي ??هي?? انهن نوجوان ڪشميرين کي انهن جي ڪشميري پس منظر جي ڪري انصاف کان محروم رکيو ويو. ترجمان چي?? ته اهو ڪيس ٻين بيشمار ماڻهن وانگر ڪشميرين جو آواز دٻائڻ ۽ انهن کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ جي ڀارت جي جاري مهم جي عڪاسي آهي. هن چي?? ته ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي آر ايس ايس جي هندوتوا ايجنڊا تي عمل پيرا آهي ۽ اها ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪري انهن کي بي اختيار بڻائي رهي آهي. ترجمان چي?? ته ڀارت پنهنجي تازن قدمن ۾ والاريل ڪشمير جي چونڊ فهرستن ۾ 7 لک کان وڌيڪ نئين وو??رز جو اضافو ڪيو ??هي?? انهن نام نهاد نئين وو??رز جي اڪثريت غيرڪشميري ۽ ڀارتي فوج جي رٽائرڊ اهلڪارن جي ??هي?? ان قدم جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي کي چونڊن ۾ فائدو پهچائڻ آهي. ترجمان چي?? ته ڀارت جو اهو قدم چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي اهي. ترجمان ڀارت کان مطالبو ڪي?? ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون ختم ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي ختم ۽ حقيقي ڪشميري اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري.