اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قربانين تي زبردست خراج عقيدت ۽ انهن جي گهرڀاتين کي انهن جي عزم ۽ استقامت تي ڀرپور خراج ??حس??ن پي?? ڪيو آهي. والاريل ڪشمير تي ڀارتي جي غيرقانوني ق??ضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ ڀارت جي غيرقانوني طور تي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي انهن جي مرضي جي خلاف غيرقانوني ق??ضي کي 75 سال مڪمل ٿيا آهن. 75 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي فوج بردستي والاريل ڪشمير ۾ لاٿي ۽ ان ??قت کان ڀارت علائقي تي زبردستي ۽ غيرقانوني قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان ??ڌيڪ عرصي کان ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تبديلين جي لاءِ ڀارت جي ڪڌ مهم 5 آگسٽ 2019ع کان تيزي سان جاري آهي جڏهن ڀارت پنهنجي ئي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني هئي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت گذريل 3 سالن دوران جابراڻا قدم کنيا جن جي ذريعي ڪشمير جي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ هندو اڪثريتي چونڊ تڪ ٺاهيا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا، زمين ۽ ملڪيت بابت نوان ??انون ۽ ٻيا توسيع پسنداڻا ۽ جابراڻا قدم شامل آهن. هن چيو ته چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميري رهواسين کي شامل ڪيو پيو وڃي، اهي غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جو ڀارت جو ??ڌو قدم بدنيتي تي ٻڌل مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي سان ??الاريل ڪشمير دنيا جي سڀ کان ??ڌيڪ فوجي رکندڙ علائقن مان ??ڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جا 3 نسل دنيا ۽ گڏيل قومن جي واعدن جو انتظار ڪندا رهيا ته اهي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان عالمي برادري کان ??طالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت کي جوابده بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي.