ڪراچي ۔27 آڪٽوبر( اي پي پي ) سن?? جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڀارت ۽ مودي سرڪار کي سمجهڻ گهرجي ته 75 سا??ن جي سختين ۽ پابندين جي باوجود هو ڪشميرين جي جائز جدوجهد کي ختم ناهن ڪري سگهياآزادي ڪشميرين جي منزل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي،صوبائي وزير چيو ته ڪشمير تي ڀ??رتي قبضو هاڻي ??ڌي?? دير تائين نٿو هلي سگهي. ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري ڀ??ئرن جي خواهشن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي جي ضد جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ امن کي سنگين خطرا آهن. عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ڪشميري ڀ??ئرن جي جدوجهد ۾ انھن جي اخلاقي، سفارتي مدد جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي هميش?? ڪ??مير جي مسئلي کي قومي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي ڀ??پور طريقي سا?? اجاگر ڪيو آهي،ھن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مشن ڪشمير کي مڪمل ڪندي.