اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري و??اق?? وزير احسن ا??با?? وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي پائيدار بحالي جي لاءِ گڏيل قومون (يو اين) ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ترقياتي حصيدارن جي مدد سان تيار ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي واري و??اق?? وزير شيري رحمان، ناڻي واري و??اق?? وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري و??اق?? وزير احسن ا??با??، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر ا??با?? ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري نديم اسلم ??وڌري شرڪت ڪئي.