اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (سڀاڻي) خميس ڏي??هن ڄمون ڪشمير تي ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏي??هن ملهائيندا ۽ دنيا کي اهو واضح پيغام ڏي??دا ته اهي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، ??ن موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقرينون منعقد ڪيون وينديون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اپيل تي ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ويندي ۽ ڪشميري عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀ??رو ٻيهر ورجائيندي ته اها ڀ??رت جي غلامي کان آزادي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. حريت ڪانفرنس ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميرين ۽ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ ڀارتي سفارتخانن، گڏيل قومن جي آفيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. 27 آڪٽوبر کي سڄي دنيا ۾ ڪاري ڏي??هن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏي??هن ڀ??رت بنا ڪنهن قانوني جواز جي رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀارتي قابض فوج بيدردي سان بيگناهه ۽ معصوم ڪشميرين جو قتلام ڪري رهي آهي. ??ن موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.