اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (??ي پي پي) ??اڻ?? ۽ محص??لن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ما??هن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت س??ن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، ??اڻ?? وارو سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ??اڻ?? واري وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير ??اڻ?? واري وزير کي غير معمولي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ??اڻ?? واري وزير ٻوڏ جي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت س??ن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ متاثر ما??هن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.