اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وز??رت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته صحت واري وز??رت ٻوڏ متاثرن کي طبي س??ول??ن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. وز??رت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان جي ٽيم کي ٻوڏ متاثرن جي بهترين طبي س??ول??ن جي فراهمي لاءِ خراج تحسين پيش ??يان ٿو. عبدالقادر پٽيل چيو ته صحت واري وز??رت جي ماتحت ادارن ڊائريڪٽوريت آف هيلٿ اسٽيبلشمينٽ بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان سيوهڻ جي بوڏ متاثر ڳوٺ ٽلٽي ۾ متاثرن جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي. سيوهڻ جي سڄي ڳوٺ ۾ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ اسپري پڻ ڪرايو ويو. هن چيو ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا تقريبن 1500 کان وڌيڪ ??ريضن جي اسڪريننگ ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون.