اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدايت ۽ بدانتظامي ڪندڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خ??اف ايشيا انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??يو ته ڪمپني باهه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس کي ل??ڳو هجڻ کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڪمپني باهه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي ل??ءِ ??رو?? رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باهه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صارف کي جائز رقم ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ڪمپني ل??هور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز کي باهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صدر ??ي درخواست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي باهه لڳڻ جي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.