اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس پوري ٽيم کي هڪ متوازن، ترقي تي ٻڌل ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته مالي طور تي درپيش چئلينجن ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ جي تياري انتهائي ڏکيو ڪم هو. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ??اءِ فنڊز ۾ اضافو ڪيو آهي، بينظير اسڪالرشپ پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ شاگردن تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته حڪومت معاشري جي ??الي طور تي ڪمزور طبقن جي ??عاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ منهنجي سوچ اها آه?? ته مالي لحاظ کان مضبوط ماڻهن کي ٽيڪسن جي ادائيگي جي ذريعي قومي خزاني جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ??ول?? پينلز جي درآمد ۽ پهچ تي ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيو آهي، زرعي مشينري ۽ مداخل جي درآمد تي پڻ ٽيڪس ٻڙي ڪيو ويو آهي، اهو آبا??گا??ن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ تمام اهم قدم آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ۽ انتظامي جي تازن سالن جي ڪري اسان کي مشڪل کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هن بجيٽ جي ذريعي منهنجي حڪومت مشڪل فيصلن ذريعي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن تي انهن مشڪل فيصلن جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته عوام جي ??شلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ وفاقي حڪومت گهريلو صارفين کي ??ول?? پينلز فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مون ڊسمبر تائين ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائينز جو ڪم مڪل ڪرڻ ۽ جامع آف گرڊ سسٽم جو منصوبو بڻائڻ جي ??دايت پڻ ڪئي آهي.