اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي مواد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي، پيمرا جي 2015ع جي ڪ??ڊ آف ڪنڊڪٽ تحت مواد جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، مارنن?? شو?? کي به ڪ??ڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الدين ايوبي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پيمرا جي ڪ??ڊ آف ڪنڊڪٽ جا مختلف سيڪشنز آهن، عام عوام کي شڪايتن جي نظام تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ ٽول فري نمبر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪا اهڙي شيءَ جيڪا رپورٽ يا مانيٽر نه ٿي هجي، ان تي ايڪشن وٺي سگهجي. هن چيو ته پيمرا جو مانيٽرنگ سيٽ اپ انتهائي موثر آهي، پيمرا جي ريجنل هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ شڪايتن جو مڪينزم موجود آهي ته جيئن ڪو به اهڙو مواد اچي ته ان جو فوري خاتمو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لائيو ٽيلي ڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ ج?? دير هوندي آهي، ان وقت جي اندر مواد کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري اسڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته پيمرا جي 2015ع جي ڪ??ڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزين، مانيٽرنگ ۽ مڪينز جي حوالي سان جن ٽي وي چينل?? کي جنهن مواد تي جيترو ڏنڊ هنيو ويو آهي، ان جي ڊيٽا ميمبرن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪ??ڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي آهي ته اسيمبلي ميمبر آگاهه ڪن، ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسنديس. قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارننگ شيو?? کي ڪ??ڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو اهڙو مارنن?? شو آهي جنهن ۾ ڪ??ڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي ته ٻڌايو وڃي، ان کي ذاتي طور تي ڏسنديس. هن چيو ته شام 7 وڳي کانپوءِ ٿيندڙ تاڪ شوز جي مقابلي ۾ مارنن?? شو?? کي ميوزيڪل ۽ ڪلچرل جي ڏس ۾ ڏٺو وڃي ٿو.