اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اسلام آباد ۾ سانوڻي جي قومي سطح تي تياري بابت ڪانف??نس منعقد ڪئي. ڪانف??نس جو مقصد ماحولياتي تبديلين ۽ تازي گرمي جي سخت لهر کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تياري جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ سمورن ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بڻائڻ هو. ڪانف??نس جي صدارت اين ڊي ايم اي چيئرمين ل??فٽ??ننٽ جنرل اختر نواز ڪئي. ڪانف??نس ۾ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي?? کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سميت هٿياربند فوج، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، فيڊرل فلڊ ڪميشن، واپڊا، آبپاشي کاتي، ريلوي، اسپارڪو، ايف ڊبليو او، موسمياتي کاتي، گڏيل قومن جي ايجنسيز ۽ انساني امداد جي فلاحي ادارن/ تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي پاران سال 2022ع جو ساليانو سانوڻي پلان پڻ جاري ڪيو ويو. ڪانف??نس ۾ ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ماحولياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن ۽ پاڪستان جي مختلف قدرتي آفتن خاص طور تي ٻوڏ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدمن ۽ مختلف ڌرين جي تياري ۽ گڏيل رابطي کي انساني ۽ مالي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين اڳواٽ ۽ وقت سر هنگامي اطلاع جي نظام، عام ماڻهن تائين معلومات جي پهچ ۽ آگاهي، معاشرتي سطح تي متحرڪ ٿيڻ ۽ ادارن جي وقت سر ريسپانس تي زور ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي موسمياتي تبديلين ۽ انهن جي منفي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي جيڪي خطي ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ برفاني ڇپن جو پگهرجڻ اوچتو ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سانوڻي پلان جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ مو??ر ۽ فعال بڻائڻ ۽ وقت سر الرٽ جاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪانف??نس ۾ شريڪ مختلف ادارن جي نمائندن محڪماڻي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ عوام جي جاني ۽ مالي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.