اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان تعلق رکندڙ صوب??ئي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوب??ئي اسيمبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصاري ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ملتان ۾ ج??ري ترقياتي منصوبن، ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان صحت ڪارڊ جي عوامي پذير??ئي کان به آگاهه ڪ??و. ??زيراعظم عمران خان عوامي ڀل??ئي جي جاري ترقياتي منص??بن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.