اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي وسيع معاملن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي، رابطن، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش کي ورجايو. هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي فريم ورڪ جي اندر وچ ايشيا سان رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي وضاحت ڪئي. صدر عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي ازبڪستان ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان علائقائي انضمام ۽ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽرانس افغان ريلوي اهڙو ئي هڪ منصوبو هوندو جنهن سان زميني رابطو مضبوط ٿيندو. هن سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي رابطن جي لاءِ هوائي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي صدرن نوجوانن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو. صدر ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام زميني رابطن جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پرامن افغانستان خطي ۽ ان ??ان ٻاهر جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندو. صدر عارف علوي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ايندڙ قدمن تي گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن/ معاهدن کي ساراهيو. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي تي ??حيحن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جو?? نيون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاع ۾ تعاون تي ??ڳڀرائي ۽ هر سطح تي ??قتصادي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ????بڪ صدر کي ڀارتي ??يرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ??ان پڻ آگاهه ڪيو.