اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??اص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 50 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا، ج??هن سان 40 هزار نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ??ڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض ڏنا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سالن جي ??ڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن. ماضي جي ??ڪومتن نوجوانن ۽ راندين جي ??رگرمين کي نظر انداز ڪيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ٽيڪ اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهرين ماحولياتي تبديلي تي ڳالهه ڪئي، حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي ۽ سال 2022ع ۾ نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون، يونيورسٽين ۾ صحتمند سرگرمين لاءِ يوٿ گرين موومينٽ جي ??روعات ڪئي ويندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت 18 ک??ن 45 سال جي ??مر جو هر شهري قرض لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي ??وشي آهي ته سال 2021ع کان ڪامياب جوان پروگرام جا جيڪي منصوبا شروع ڪيا ا??هن جا سڀئي هدف حاصل ڪيا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت هاڻي تائين 30 ارب رپيا تقسيم ڪيا ويا ۽ 27 ارب 2021ع ۾ تقسيم ٿيا. سال 2020ع ۾ ڪورونا سبب هر طرف بندش هئي ج??هن ڪري ڪامياب جوان قرض اسڪيم تي ڪم نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن سان واعدو آهي ته هن سال 50 ارب رپيا ڪامياب جوان پروگرام تحت تقسيم ڪيا ويندا. هن چيو ته سال 2023ع نوجوانن جو سال ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪ??مياب جوان پروگرام کان سواءِ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هلندڙ سال نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ سرگرميون منعقد ڪرايون وينديون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته 12 آگسٽ تي نوجوانن جي ??المي ڏي??هن جي موقعي تي پاڪستان کي ميزباني ملي ته جيئن پاڪستاني نوجوانن جو اميج سڄي دنيا آڏو رکي سگهون.