اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جاري ڪندو. پاليسي جو مرڪزي فريم ورڪ شهرين کي بينادي سهولت?? جي فراهمي ۽ معاشي سيڪيورٽي آهي ته جيئن پاڪستان کي اقتصادي طور تي محفوظ ۽ مستحڪم بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ڪلاسيفائيڊ قومي سلامتي پاليسي جي پبلڪ ويزن جاري ڪندو جيڪو پاڪستا?? جيڪا قومي سلامتي پاليسي جي پهرين دستاويز آهي. قومي پاليسي سلامتي جاگرافيائي حڪمت عملي تي ڌيان ڏيندي جيو اڪنامڪ ويز?? جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏي ٿي ته گڏيل احترام ۽ هڪجهڙي خودمختياري جي بيناد تي پاڪستا?? جي پرڏيهي پاليسي ۽ فوجي صلاحيت جو اولين مقصد خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام آهي، پاليسي جي جوڙجڪ جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڪيتريون ئي مشاورتون ڪيون ويون ۽ قومي سلامتي جي ماهرن سميت 600 کان وڌيڪ ماڻهن کي راءِ حاصل ڪئي وئي. وزيراعظم ??ي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسا?? جي قومي سلامتي جي سوچ اقتصادي وسيل?? جي فروغ جي ذريع?? جي نشاندهي ڪري ٿي ته جئين پاڪستا?? جي روايتي ۽ غير روايتي سلامتي کي بيڪ وقت مضبوط بڻائي سگهجي، قومي سلامتي پاليسي جي اهم مقصدن ۾ قومي هم آهنگي معاشي مستقبل جو تحفظ، دفاع ۽ ع??ائ??ائي سالميت، داخلي سلامتي، بدلجندڙ دنيا سان هم آهنگ پرڏيهي پاليسي ۽ انساني سلامتي شامل آهن. ان پاليسي جو مقصد پاڪستا?? جي ترقي يافته ۽ گهٽ ترقي يافته ع??ائ???? جي وچ ۾ اقتصادي، ٻاهرين عدم توازن، سماجي ۽ اقتصادي اڻ برابري ۽ جاگرافيائي فرق جهڙن ٽي سنگين چئلينجز کي ختم ڪرڻ آهي، دستاويز ۾ زور ڏنو ويو آهي ته پاڪستا?? جي دفاع ۽ ع??ائ??ائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ خ??ائ?? ٽيڪنالاجي ۽ ان جو استعمال ۽ انفارميشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جي ذريعي هائبرڊ وار افيئر جو مقابلو ڪيو ويندو. داخلي سلامتي جي حوالي سان پاليسي ۾ رياست جي رٽ کي يقيني بڻائڻ، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پرتشدد روين ۽ قومي بنيادن تي فرق کانسواءِ خلاف عدم برداشت ۽ منظم ڏوه?? جي لعنت جي خاتمي تي زور ڏنو ويو آهي، قومي سلامتي پاليسي عالمي سطح تي پاڪستا?? جي مفاد ?? موقف جو دفاع ڪندي، ??ڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل ??ي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي تڪرار جو منصفاڻو ۽ پرامن حل ملڪي سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي، قومي سلامتي جي پاليسي جي دستاويزن ۾ نوجوانن تي مرڪوز پاليسين تي عمل پيرا ٿيڻ، غذائي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ، بنيادي صحت جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو آهي.