اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اليڪشن (ٻيون ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ??ري ڇڏيو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 94 ۽ سيڪشن 103 ۾ ترميم ڪئي وئي. سيڪشن (1) 94 تحت سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏنو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت اليڪشن ڪميشن نادرا يا ڪنهن ٻي اٿارٽي ??ا ايجنسي جي فني م??د سان عام چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ وجهڻ جي قابل بڻائيندي.