اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بز??س ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي منصوبن ۾ ماحوليات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بز??س ڊيولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي راوي سٽي منصوبي تي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ 5400 ايڪ?? زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي تائين آسان پهچ جي لاءِ 17 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيو ويندو. ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۾ 450 ايڪ?? زمين کي ايگري فارمز جي لاءِ رکيو ويو آهي، راوي سٽي ۾ سيڙڪاري جي لاءِ ناليواري سيڙپڪار ڪمپنين پاران دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي لاهور ۾ سينٽرل بز??س ڊسٽرڪٽ ق??ئم ڪرڻ جي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل بز??س ڊسٽرڪٽ ۾ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽري ميٽر ق??ئم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳايو ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.