اسلام آباد – 09 مارچ (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم جز آهي، هن چي?? ته ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو مثبت ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چي?? ته صحافي برادري ک?? پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن ک?? حل ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني صحافين ک?? مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلري جي سگهه، جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنج?? پيشيوراڻي سرگرمين ک?? موثر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهي. هن چي?? ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين ج?? پيشيوراڻي ذميوارين ک?? بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? ته مخالف ڌر وزيراعظم جو ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چي?? ته وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ۾ سڄي ملڪ جي ميڊيا جي موجودگي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چي?? ته جمهوريت جي استحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس. هن چي?? ته مخالف ڌر سان پيش ايندڙ معاملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڳالهائيندي چي?? ته جمهوري نظام ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، اظهار جي راءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد ميڊيا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چي?? وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪند?? پي آر اي جي صدر بهزاد سليمي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪندي چي?? ته ميڊيا جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ان سان فرضن جي ادائيگي ۾ نمايان بهتري ايندي هن سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپڪر کي درخواست ڪئي ته ميڊيا پرسنز کي ايوان جي اندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چي?? ته ان ڳالهه جو فيصلو پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو.