اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊا پور ايل او سي تي ڀارتي جارحيت ۽ هروڀرو جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چ??و آهي ته گڏيل قومن جي مبصرين کي نشانو بڻائڻ ڀارتي سفاڪيت ۽ پاگل پڻي جي انتها آهي، ڀارت ايل او سي تي جنگ بندي معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري ره??و آهي، هتي جاري بيان موجب علي امين گنڊا پور چيو ته ڀارت پاران ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ معمول بڻجي چڪو آهي، ايل او سي تي محدود ??سم جي فوجي ڪارروائي ڀارت جي خام خيالي آهي، علي امين گنڊاپور چيو ته ڀارت پاران ڪنهن به اشتعال انگيز ڪارروائي جو ??نهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، گڏيل قومن جي مبصرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪارروائي سان ڀارتي انتهاپسندي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.