اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي( قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير ??يد فخر امام چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ عام ??اڻ??و جي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائيندي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. پرڏيهي وزير ??اهه محمود قريشي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ??ماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي فخر امام چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ??اڻ??ن کي درپيش مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن يقين ڏياريو ته حڪومت پاران کنيل قدمن جي نتيجي ۾ تمام جلد بحالي جا ثمر ظاهر ٿيندا. ان کانسواءِ هن تنبيهه ڪئي ته فرضي مطالبن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث ??اڻ??ن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو.