اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي بئ??ڪاري جي نظام جي فروغ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شعبي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرجي، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اسلام آباد اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين لاءِ چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسلامڪ فنانسنگ جو بنياد صرف ڏيڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آهي، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ بئ??ڪنگ ۽ فنانسنگ جون سهولتون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 10 هين گلوبل اسلامڪ فنانس ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر ??يو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي ان جي ذريعي اسلامڪ فنانسنگ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن ??يو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي بئ??ڪاري ۽ مالياتي نظام کي سگهه ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسلامي بئ??ڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ به سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 سيڪڙو بئ??ڪاري اسل??مي قانونن موجب ٿي رهي آهي، اسلامڪ فنانسنگ جو حصو گلوبل فنانسنگ ۾ گهٽ آهي، هن ??يو ته اسٽيٽ بئ??ڪ ۽ ٻيا ادارا اسلامي بئ??ڪاري کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.