اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان شفاف ۽ پائيدار پاليسي ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، ريجنل اخب??رن ۽ صحافين جي مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويندو، سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي ته جيئن پاليسي اتفاق راءِ رکندڙ هجي، ڊمي اخب??رن جي نشاندهي ۾ ميڊيا ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان پريس ڪلب جي ن??ن چونڊيل عهديد??رن جي ??فد هتي ملاقات جي دوران ڪيو. اطلاعات واري وزير شبلي فراز ن??ن چونڊيل عهديد??رن کان حلف ورتو، اطلاعات واري وزير ن??ن چونڊيل عهديد??رن کي مبارڪباد ڏني ?? نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.