اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي ??وقعي تي پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي ??رباني جي ??اءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرانداز نه ڪري، قرباني جي عيد جي ??ن موقعي تي قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي غريبن ۽ ضرورتمندن جي ??ڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن عيدالاضحيٰ جي ??وقعي تي قوم جي ??الي پنهنجي ??يغام ۾ چئي آهي. صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي ??وقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خوشي جو هي موقعو اسان جي زندگي ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ماڻهن کي مختلف امتحانن ۾ وجهي آزمايو، اهي بزرگ هستيون انهن امتحانن ۾ پوري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي ??رباني لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.