لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??را?? سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ??را?? ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄي چڪو آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽ کي شهباز شريف پنهنجي ٻه نمبري جي لاءِ استعمال ڪيو، وفاقي وزي?? چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪرپشن جي ڪري مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجي ملڪ کي به ريسڪيو ڪري رهي آهي پر م??ال?? ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، م??ال?? ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکجي چڪو آهي، عوام انهن ٻهروپن جي سياسي ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ پنهنجي سياست جي ٻڏل ٻيڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿي چڪي آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙن جي ا??را??ف??ي تي ڌيان نه ڏيندي، انهن جون رڙيون رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي لاءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.